خانپور ڀرسان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ مزدا ڪلينر قتل ٿي ويو، ڌاڙيل هڪ ڄڻي کي اغوا ڪري ويا، جڏهن ته هڪ اهلڪار پوليس سميت 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ناپرڪوٽ ٿاڻي جي حد لنڊي شاخ تي مزدا نه روڪڻ تي هٿياربندن گاڏي مٿان فائرنگ ڪري ڏني.
گوليون لڳڻ سبب غوثپور واسي مزدا ڪلينر امير بخش ملڪ قتل ٿي ويو ۽ زاهد ميراڻي زخمي ٿي پيو، ڌاڙيل راز محمد ملڪ کي اغوا ڪري ويا.
اطلاع ته پهتل پوليس جو ڌاڙيلن سان مقابلو ٿي پيو، هٿياربندن جي فائرنگ ۾ هڪ اهلڪار فاروق جعفري زخمي ٿي پيو .
زخمي پوليس اهلڪار فاروق جعفري ۽ زاهد ميراڻي کي اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته پوليس نفري ڏوهارين پٺيان ڪچي طرف رواني ٿي ويئي.