امن مشن جي 75هين سالگرا جي موقعي تي گڏيل قومن پاڪستان جي شهيدن لاءِ اعزازن جو اعلان ڪيو آهي.
امن مشن جي 75هين سالگرا جي موقعي تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي هال ۾ خاص تقريب ڪوٺائي وئي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل تقريب جي صدارت ڪئي.
تقريب ۾ گڏيل قومن جي امن مشن دوران شهادت ماڻيندڙ 8 پاڪستاني شهيدن کي اعزاز سان نوازيو ويو.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي وقتي مستقل نمائندي سفير محمد عامر خان ۽ ڪرنل راجا افضال احمد، سيڪريٽري جنرل کان شهيدن جا ميڊلز وصول ڪيا.
8 شهيدن ۾ 6 اهي شهيد به شامل آهن جن 29 مارچ 2022ع تي ڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو ۾ گڏيل قومن جي سٽيبلائزيشن مشن سان گڏ فرض انجام ڏيندي هيليڪاپٽر حادثي دوران شهادت ماڻي.
شهيدن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل آصف علي اعواڻ، ميجر فيضان علي، ميجر محمد سعد نعماني، نائب صوبيدار سميع الله، حوالدار محمد اسماعيل ۽ لانس حوالدار محمد جميل خان شامل آهن.
حوالدار بابر صديق ۽ نائيڪ راڻا محمد طاهر اسلام سينٽرل آفريقن ريپبلڪ ۾ گڏيل قومن جي گهڻ زخي انٽيگريٽڊ سٽيبلائزيشن مشن سان گڏ فرض سرانجام ڏيندي شهادت ماڻي.