باڊهه ويجهو هٿيار بند مبينا طور پرڻيل ناري کي اغوا ڪري ويا، مغوي جي پيءُ جو چوڻ آهي ته برادري جا ماڻهو هٿيارن جي زور تي سندس ڌيءُ کي اغوا ڪري ويا آهن.
ڳوٺ خيرو جهتيال مان هٿيار بند پرڻيل ناري انيلا جهتيال کي مبينا طور اغوا ڪري ويا.
ناري جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته جوابدار خدابخش جهتيال، شوڪت، پيار علي ۽ ٻين هٿيارين جي زور تي سندس نياڻي کي اغوا ڪيو آهي.
هن چيو ته هڪ سال اڳ جوابدارن منهنجي ڀائيٽي عرفان جهتيال کي قتل ڪيو هو، ڪيس تان هٿ کڻائڻ لاءِ منهنجي ڌيءُ کي اغوا ڪري ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ناري جي اغوا واقعي جي اين سي داخل ڪري ڇڏي آهي، جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري عورت کي بازياب ڪرايو ويندو.