ڄام صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ رولو ۽ ڇتن ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي، ڇتي ڪتي هڪ ٻارڙي کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي انتظاميا پاران ويڪسين نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي زخمي کي واپس موٽايو ويو.
سومرا پاڙي ۾ 4 سالن جي ٻارڙي نور فاطمه سومرو کي رولو ڪتي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو.
وارثن پهچي ٻارڙي کي کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتي انتظاميا پاران ويڪسين نه هجڻ جو جواز ڄاڻائي زخمي کي واپس موٽائي ڇڏيو.
وارثن جو چوڻ آهي ته لکين رپين جي بجيٽ هجڻ باوجود اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ کان بچاءُ واري ويڪسين اڻلڀ آهي.
هنن چيو ته انتظاميا پاران ڪتا مار مهم شروع نه ڪرڻ سبب ڄام صاحب ۽ ڀرپاسي ۾ ڪتن جو آزار وڌي ويو آهي.