وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ جي ترقي ۽ خوشحالي جو راز متحد هجڻ ۾ آهي، گذريل هڪ سال کان چئلينجن جو گڏيل مشوري سان مقابلو ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ ڪي فور منصوبن جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 9مئي پاڪستان جي تاريخ جو ڪارو ڏينهن آهي، عمران نيازي جي جٿن فوجي ٿاڪن تي حملا ڪيا ۽ شهيدن يادگار جي بي حرمتي ڪئي وئي.
هن چيو ته ڪجهه عنصرن ملڪ ۾ ڏڦيڙ پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي، هو سڀ گڏجي ملڪ جا مسئلا حل ڪندا.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سمورن مسئلن کي شڪست ڏئي پاڪستان کي وڃايل هنڌ واپس ڏياريو ويندو