تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان طرفان وڏي پئماني تي شراب ۽ ڪوڪين واپرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، صحت واري وزير عبدالقادر پٽيل جو چوڻ آهي ته عمران خان جي شروعاتي طبي رپورٽ ۾ شراب ۽ ڪوڪين جا جزا مليا آهن.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عبدالقادر پٽيل چيو ته اڳوڻي وزيراعظم جي ذهني صحت تي به سواليه نشان اٿاريا ويا آهن.
هن چيو ته عمران خان ڄنگهه تي پلستر چاڙهي گهمندو رهيو پر طبي رپورٽ ۾ ڪنهن به فريڪچر جو ذڪر ناهي.
سندس چوڻ هو ته بنا ڪنهن رٿا بندي کانسواءِ 9 مئي جهڙا واقعا نه ٿا ٿي سگهن.