اڳوڻي وفاقي وزير فردوس عاشق اعواڻ ۽ اڳوڻي صوبائي وزير مراد راس به تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اڳواڻن پاران تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو سلسلو جاري آهي، فرودوس عاشق اعواڻ ۽ مراد راس به پي ٽي آءِ کي الوداع ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي فردوس عاشق اعواڻ چيو ته شرپسندن جي ڪارروائي سبب هوءَ پي ٽي آءِ ڇڏي رهي آهي، عمران خان جي ايجنڊا پاڪستان لاءِ نقصانڪار بڻجي ويو آهي.
هن چيو ته عمران خان ۽ پاڪستان گڏ نه ٿا هلي سگهن، پي ٽي آءِ چيئرمين ماڻهن کي ٽشو پيپر جيان استعمال ڪري اڇلائي ڇڏي ٿو، اهو سندس پسنديده مشغلو آهي.
فردوس عاشق اعواڻ چيو ته عمران خان سڀ کان پهريان پنهنجن محسنن جو ئي دشمن بڻجي ويندو آهي، 9 مئي واقعن جي آزاد نموني جاچ ڪري ذميوارن کي سزا ڏني وڃي.
هوڏانهن اڳوڻي صوبائي وزير مراد راس به عمران خان کان رستا ڌار ڪري ڇڏيا آهن.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد راس چيو ته آمريڪا مان ٻيڙيون ساڙي واپس ڏيهه آيو هو، پندرهن سال تحريڪ انصاف ۾ دل سان جدوجهد ڪئي، پارٽيءَ لاءِ جيڪو ڪري سگهيو، هو جمهوريت ۽ ووٽ تي يقين رکن ٿا.
هن چيو ته ڪو به نه چاهيندو ته ادارن سان ويڙهه ٿئي، اختلاف هوندا آهن پر اهي گڏ ويهي حل ڪري سگهجن ٿا، صلاحڪارن عمران خان کي ان صورتحال تائين پهچايو آهي.
مراد راس چيو ته نو مئي جو واقعو نه ٿيڻ گهرجي ها نه ئي اهو پلان ۾ هو، ان ڪري هو پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان ڪري ٿو