سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس جي جاچ بابت عدالتي ڪميشن کي ڪم کان روڪيندي حڪومتي نوٽيفڪشن معطل ڪري ڇڏيو، حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن ۾ ججن جي نامزدگي بابت چيف جسٽس سان صلاح مشورا لازمي آهي، پر ڪميشن جوڙڻ وقت چيف جسٽس سان صلاح مشورو نه ڪيو ويو، ان ڪري ڪميشن غير آئيني آهي، آڊيو ليڪس ڪميشن بابت نوٽيفڪيشن به معطل ڪيو وڃي ٿو، جيڪو قطعي فيصلي تائين معطل رهندو، ڪيس جي ٻڌڻي 31 مئي تي ٿيندي، چيف جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته حڪومت ججن ۾ اختلاف پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، حڪومت ڪنهن به جج کي پنهنجي مرضيءَ سان بئنچ ۾ نه ٿي ويهاري سگهي، آئيني روايتن جو احترام ڪيو وڃي
وزيراعظم شهباز شريف جون ترڪيه ۾ ڪاروپاري شخصيتن سان ملاقاتون
وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ آهي ته ترڪيه ۾ ڪاروپاري شخصيتن سان ملاقاتون هاڪاري رهيون آهن، زراعت ۽ توانائي سميت...