صوفي بزرگ حضرت شاھھ عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي 412 ھين عرس مبارڪ جون سرڪاري سطح تي تقريبون شروع ٿي ويون.
ايڊمنسٽريٽر اوقاف حيدرآباد ڊاڪٽر نور احمد پھوڙ ۽ مينئيجر اوقاف سليم احمد ڪناسرو درگاھھ شاھھ عبدالڪريم بلڙي تي چادر چاڙھي عرس مبارڪ جو افتتاح ڪري سنڌ سميت ملڪ جي سلامتي ۽ خوشحالي لاءِ دعا گھري.
عرس مبارڪ جي موقعي تي درگاھھ جي اڱڻ ۾ تنبوري جي تارن سان راڳ رنگ جي محفل ٿي.
شاھھ عبداللطيف ۽ شاھھ عبدالڪريم جي راڳي فقير سر وکيريا جڏھن تھ پانڌيئرن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي.
عرس جي مقوعي تي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن