ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان وطن جو غدار آهي، جنهن جي ٽڪيٽ هاڻي ڪو به نه وٺندو، سندس قصو ختم ٿي ويو، 9 مئي سانحي جو ماسٽر مائينڊ عمران خان آهي، جنهن جي رٿابندي زمان پارڪ ۾ ٿي، حقيقي آزاديءَ وارا اڄڪلهه ڀڄي رهيا آهن.
وهاڙي ۾ يوٿ ڪنويشن کي خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته 9مئي سانحي تي دل رت جا ڳوڙها روئي ٿو، شهيد رڳو فوج يا ڪنهن اداري نه پر سڄي ملڪ جا هوندا آهن.
هن چيو ته بدنصيب شخص پنهنجي ڪريل ايجنڊا لاءِ شهيد جي يادگار کي باهه ڏياري، ڇا ڪو ايڏي وڏي غداري ملڪ سان ڪري سگهي ٿو؟
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته عمران خان وطن جو غدار آهي، جنهن جي ٽڪيٽ هاڻي ڪو به نه وٺندو، سندس قصو ختم ٿي ويو.
مريم نواز چيو ته 9 مئي تي اهو سڀ ڪجهه اوچتو نه ٿيو، دهشتگردي جو منصوبو زمان پارڪ ۾ ٺهيو، ان جو ماسٽر مائينڊ توشا خاني جو چور عمران خان آهي، اهڙو حملو ته ڀارت به نه ٿو ڪري سگهي، جيڪو دشمن نه ڪري سگهيو، اهو عمران خان ڪري ڏيکاريو.
ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته ڪور ڪمانڊر هائوس آڏو دي مال آف لاهور به آهي، ان جو شيشو به نه ٽٽو، سڌو ڪور ڪمانڊر هائوس تي حملو ڪيو ويو، هڪ هڪ ٽارگيٽ سيٽ هو.
مريم نواز چيو ته 9 مئي واقعن ۾ عمران خان اڪيلو نه پر سندس سهولتڪار به شامل هئا، جنرل عاصم منير کي ڪرپشن جي نشاندهيءَ تي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي عهدي تان هٽايو ويو هو.
مريم نواز چيو ته هاڻي ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني هوندي، مرضيءِ جا فيصلا نه هلندا