پي ٽي آءِ اڳواڻ سيف الله نيازي ۽ ابرار الحق تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
سيف الله نيازي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 9 مئي واقعن جي مذمت ڪري ٿو.
هن چيو ته عوامي ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي.
ابرار الحق جو چوڻ هو ته 9 مئي تي هن ماڻهن کي ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏيڻ کان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي.
هن چيو ته شهيدن پنهنجي وطن لاءِ جان جا نذرانا ڏنا.
ابرارالحق پريس ڪانفرنس دوران لڙڪ لاڙي ويٺو.