سنڌ حڪومت طرفان ٽرانسپورٽ کاتي ۾ موٽر وي جي طرز تي فورس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ۾ ٽرانسپورٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ايس ايم ٽي اي بورڊ جو اهم اجلاس ٿيو.
اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ سليم راجپوت، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي ڪمال دايو ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ کاتي ۾ موٽر وي جي طرز تي فورس ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
اجلاس ۾ ڊرائيور ۽ ڪنڊيڪٽرز جي هوائي جهاز جي ميزبانن جي طرز تي تربيت لاءِ ٽريننگ اسڪول قائم ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو ويو آهي.
صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ٽرانسپورٽ کاتي جا انسپيڪٽرز سنڌ صوبي ۾ مقرر هوندا، گاڏين جي انسپيڪشن سان گڏوگڏ مسافرن جي تحفظ کي يقيني بڻايو ويندو.
شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته ٽريننگ اسڪول ۾ پيپلز بس سروس جي ملازمن کي بهترين خدمتن جي تربيت ڏني ويندي.