هڱورجا ٿاڻي جي حد ۾ اڻڃاتل چور ، ڳوٺاڻي جي گهر کي کاٽ هڻي 11 تولا سونا زيور ۽ ساڍا 12 لک رپيا روڪ رقم کڻي فرار ٿي ويا آهن.
سيٺارجا بالا ۾ جوابدر ، ڳوٺاڻي محمد جمن جي گهر کي کاٽ هڻي گهر ۾ داخلي تي سونا زيور ۽ روڪ رقم ٻهار ويا.
متاثر ڳوٺاڻي جي فرياتي هڱورجا ٿاڻي تي واقعي جي اين سي داخل ڪئي وئي آهي.
متاثر محمد جمن پيرزادو جو چوڻ هو ته رات دير سان جوابدار سندس گهر ۾ گهڙي چوري ڪئي.
هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪري چوري واپس ڪرائي وڃي.