نوشهروفيروز ۾ جي ڊبليو سي طرفان ڊاڪٽر اجمل ساوند جي قتل خلاف ۽ ثمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي.
جي ڊبليو سي جي مرڪزي صدر ذوالفقار خاصخيلي جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب کان الله واري چوڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي.
ريلي ۾ صحافين، وڪيلن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هو ته پروفيسر اجمل ساوند جو قتل سنڌ جي شعور جو قتل آهي.
هنن چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ قائم آهي، ڏوهاري عورتن ۽ ٻارڙن کي بخش نه پيا ڪن، ڪنڌڪوٽ مان ڌاڙيل ٻارڙي ثمرت ڪمار کي به اغوا ڪري ويا آهن.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته پروفيسر اجمل ساوند جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي نه ٿي رهي آهي.
هنن چيو ته ثمرت ڪمار جي بازيابي لاءِ به ڪي اپاءَ نه ورتا ويا آهن، قبائلي جهيڙن ۽ بدامني سبب سنڌ ۾ ڪو به ماڻهو محفوظ ناهي.