آڊيو ليڪس بابت عدالتي ڪميشن سپريم ڪورٽ جي حڪم تي ڪارروائي روڪي ڇڏي آهي.
سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ ٽه رڪني ڪميشن آڊيو ليڪس معاملي جي ٻڌڻي ڪئي.
اٽارني جنرل منصور اعواڻ گذريل ڏينهن وارو عدالتي حڪمنامو ڪميشن کي پڙهي ٻڌايو.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏيندي چيو ته انڪوائري ڪميشن کي ٻڌڻي کان پهريان نوٽيس ئي نه هو ته ڪم کان ڪيئن روڪي سگهجي ٿو.
ڪميشن جي سربراهه جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو آهي ته جج کي پئسا ڏيڻ جي ڳالهه ٿي رهي آهي پر جاچ ڪرڻ تي اسٽي آرڊر اچي وڃي ٿو.
هن چيو ته ڪيترائي ڀيرا تڪليف ڏيندڙ ٽاسڪ ملندا آهن، پر قسم سبب عمل ڪرڻ جا پابند آهيون.
ڪميشن جي سربراهه چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم هوندي ڪميشن جي وڌيڪ ڪارروائي ممڪن ناهي.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته، زندگي ۾ گهڻا اهڙا ڪم ڪرڻا پوندا آهن جيڪي پسند نه هوندا آهن، کين قانون سيکاريو پيو وڃي، ڀلي سيکاريو، انڪوائري ڪميشن هڪ قانون تحت ئي قائم ڪئي وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته ٻين جي عزت آهي ته ٿوري گهڻي سندن عزت به هئڻ گهرجي، هو ڪنهن ٻئي نه پر رڳو الله تعاليٰ جا غلام آهن.
هن چيو ته ڪميشن جي وڌيڪ ڪارروائي نه هلائيندا.
جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته ، سپريم ڪورٽ کي رولز موجب ڌرين کي ٻڌڻ بعد حڪم جاري ڪرڻ گهرجي ها.
جسٽس قاضي فائز عيسي طرفان اٽارني جنرل کان سوال ڪيو ويو ته گذريل ڏينهن اوهان عدالت جي ڪمري ۾ هئا، اوهان کي نوٽيس مليو هو يا پاڻ ئي ويٺا هئا.
اٽارني جنرل ڪميشن کي جواب ڏنو ته کيس زباني ٻڌايو ويو هو ته اوهان عدالت ۾ پيش ٿيو، ٻڌڻي کانپوءِ مونکي نوٽيس جاري ڪيو ويو هو