34ھين نيشنل گيمز جي مشعل ڪراچي کان پشاور لاءِ رواني ٿي وئي.
ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيد سيف الرحمان مشعل رواني ڪئي.
ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمان ڪوئيٽا نيشنل گيم جي مشعل جي روانگي جي تقريب ۾ شرڪت ڪئي.
ايڊمنسٽريٽر ڪراچي ڊاڪٽر سيف الرحمان چيو تھ رانديون قومن وچ ۾ ھڪ ٻئي سان تعارف ھونديون آھن، راندين جي ذريعي دنيا سان رابطا پيدا ٿيندا آھن، رانديون رنگ، نسل، ثقافت، تھذيب ۽ فرقن جي ماڻھن کي بنا ڪنھن فرق جي ھڪ ٻئي سان ڳنڊي ڇڏين ٿيون، پاڪستان جو نالو راندين جي حوالي سان سڄي دنيا ۾ سڃاتو ويندو آھي.
ھن چيو تھ سر سيد يونيورسٽي کي اھو اعزاز حاصل ٿيو تھ اھا قومي راندين جي مشعل جي روانگي جي تقريب منعقد ڪري، ڪراچي ۾ ڪجھھ ڏينھن اڳ ڪي ايم سي ڪراچي گيمز 2023ع منعقد ڪرائي.