تازه ترين

ڪراچي ۾ نيگليريا وگھي وڌيڪ ھڪ مريض فوت ٿيڻ بعد سنڌ ۾ نيگليريا وگھي فوت ٿيل مريضن جو انگ وڌي 12

ڪراچي ۾ نيگليريا وگھي وڌيڪ ھڪ مريض فوت ٿيڻ بعد سنڌ ۾ نيگليريا وگھي فوت ٿيل مريضن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آھي.

صحت کاتي سنڌ جي ترجمان موجب متاثر 38 ورھين جو شخص گلشن معمار جو رھواسي ھو، گذريل رات فوت ٿي ويو .

ترجمان ٻڌايو تھ متاثر شخص کي 7 نومبر تي بخار، مٿي ۾ سور ۽ الٽي جي شڪايت ٿي ھئي، ھو 8 نومبر تي تائين ۾ رھيو ۽ دوائون استعمال ڪيون.

صحت کاتي سنڌ جي ترجمان موجب مريض کي 9 نومبر تي طبيعت خراب ٿيڻ تي خانگي اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ آندو ويو ھو.

سنڌ ۾ ھن وقت تائين نيگليريا وگھي 12 ڄڻا فوت ٿي ويا آھن، جن مان 11 ڄڻن جو تعلق ڪراچي سان آھي.

ترجمان جو چوڻ ھو تھ نيگليريا کان بچاءَ لاءِ نڪ ۾ پاڻي وجھن ۾ احتياط ڪيو ۽ طبي ماھر ۽ ڊبليو ايڇ او جي گائيڊ لائنز جي موجب پاڻي ۾ ڪلورين جو استعمال ڪيو وڃي …….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
101,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.1 ° C
13.1 °
13.1 °
27 %
4.4kmh
2 %
اڱارو
13 °
اربع
15 °
خميس
16 °
جمعو
16 °
ڇنڇر
16 °

تازه ترين خبرون