تازه ترين

اسرائيل عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي غزا کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي: نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو آهي ته اسرائيل عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪندي غزا کي دوزخ بڻائي ڇڏيو آهي، غزا ۾ جاري قتل عام کي روڪيو وڃي.

او آءِ سي اجلاس کي خطاب ڪندي  نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته اسرائيلي فوج اسڪولن ۽ اسپتالن  کي نشانو بڻائي پئي.

هن چيو ته ستر سا اڳ گڏيل قومن پنهنجي ٺهرائن ذريعي ان مسئلي کي حل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته غزا ۾ فوري طور انساني همدردي تحت امداد جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جو جنگبنديءَ واريون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.

نگران وزيراعظم چيو ته سلامتي ڪائونسل تي غزا ۾ رتوڇاڻ روڪرائڻ جي ذميواري آهي، غزا ۾ فلسطينين جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي، ناانصافي ۽ معصوم شهرين جو قتل وڌيڪ تڪرارن کي جنم ڏيندو، عالمي قانون بيگناهه شهرين جي قتل کان روڪي ٿو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
14.7 ° C
14.7 °
14.7 °
13 %
1.8kmh
0 %
سُومر
16 °
اڱارو
15 °
اربع
14 °
خميس
13 °
جمعو
13 °

تازه ترين خبرون