تازه ترين

اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو

اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي غزا ۾ فوري طور جنگبندي جو مطالبو ڪري ڇڏيو، ترڪي ۽ انڊونيشيا طرفان اسرائيل کي جنگي ڏوهن جي عالمي عدالت ۾ ڇڪڻ جي تجويز،  غزا ۾ جنگ ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي، فوري طور جنگبندي ٿيڻ گهرجي،

غزا جو گهيرو ختم ڪري انساني امداد پهچائڻ جي اجازت ڏني وڃي: سعودي ولي عهد، غزا ۾ ٿيندڙ ظلمن تي دنيا جي خاموشي شرم جوڳي آهي، غزا تي اسرائيلي ظلمن جو تاريخ ۾ مثال نه ٿو ملي: ترڪ صدر،  فلسطين مسلمانن جي فخر جو نشان آهي،

غزا جا ماڻهو اسلام جا هيرو آهن، مسلمان ملڪن کي اتحاد جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي: ايراني صدر،  فلسطين جو عوام اسرائيل هٿان بدترين نسل ڪشي جو شڪار آهي،

اسپتالن، اسڪولن ۽ مسجدن تي بمباري سان دل رت جا ڳوڙها روئي رهي آهي: فلسطيني صدر محمود عباس، ڏينهن ڏٺي اسپتالن تي بمباري جو ڪو تصور نه ٿو ڪري سگهي،

غزا ۾ ٿيندڙ قتل عام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين: قطري امير، اسرائيل کي جنگي ڏوهن جي عالمي عدالت ۾ وٺي وڃڻو پوندو، فلسطين جي صورتحال تي آمريڪي صدر سان به ملاقات ڪندس: انڊونيشيا جو صدر

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
102,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.5 ° C
13.5 °
13.5 °
37 %
1.5kmh
1 %
اربع
15 °
خميس
15 °
جمعو
15 °
ڇنڇر
15 °
آچر
15 °

تازه ترين خبرون