تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ جي مختلف علائقي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٻه ڄڻا زخمي

- Advertisement -
سنڌ جي مختلف علائقي ۾ ڌار ڌار روڊ حادثن ۾ ٽي ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ٻه ڄڻا زخمي ٿي پيا. ميرواهه گورچاڻي ويجهو  ٽريڪٽر ٽرالي ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. باءِ پاس تي تيز رفتار ٽريڪٽر ٽرالي جو ٽڪر لڳڻ سبب موٽرسائيڪل تي سوار قاسم حسين راجپوت ۽ تابش ملڪ موقعي تي ئي فوت ٿي ويا. اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. حادثي ۾ فوت ٿيلن جا لاش گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن لاڙڪاڻي جي ميروخان چوڪ واري علائقي ۾ بريڪ فيل ٿيڻ سبب ٽرڪ جي ٽڪر ۾ موٽرسائيڪل سوار هڪ ڄڻو فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. حادثي جي نتيجي ۾ قمبر عرف لياقت علي کٽياڻ موقعي تي ئي فوت ٿي ويو، جڏهن ته منظور علي ۽ آصف جاگيراڻي زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس حادثي واري هنڌ پهچي ٽرڪ ڊرائيور کي حراست ۾ وٺي، لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو.    
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
19.5 ° C
19.5 °
19.5 °
41 %
0.7kmh
100 %
ڇنڇر
19 °
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °

تازه ترين خبرون