اڳوڻي صوبائي وزير ۽ پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته عام چونڊن ۾ اصل مقابلو سنڌ نه پر پنجاب ۾ ٿيندو، ڀلي ڪيترا به اتحاد قائم ٿين، ناڪامي مخالفن جو مقدر هوندي.
ڪراچيءَ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته تاريخي شاهد آهي جڏهن به ڌانڌلي ٿي مسلم ليگ ن کي اقتدار مليو آهي.
هن چيو ته 2018 ۾ نااهل ملڪ مٿان مڙهيو ويو، هو نٿا چاهين ته 2024 ۾ به اهڙو ماڻهو مڙهيو وڃي جيڪو ملڪ جي ڀلائي نٿو چاهي، عوام جي ووٽ کانپوءِ ڪو به نااهل ملڪ تي مڙهي نٿو سگهجي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ ۾ هر اليڪشن ۾ پيپلزپارٽي خلاف اتحاد ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي پر برساتي ڏيڏر هميشه ناڪام ٿي ويندا آهن.
هن چيو ته ڪيترا به ڪيترا به اتحاد ٺهن پر سنڌ ۾ پ پ کي ڪير به شڪست نٿو ڏئي سگهي، سياسي يتيمن کي گڏ ڪرڻ سان ڪجهه به نه ٿيندو، عوام هميشه نفرت جي سياست ڪندڙن کي رد ڪيو آهي.
سندس چوڻ هو ته پ پ سنڌ ۾ وڏي پئماني تي ترقياتي ڪم ڪرايا آهن، ڀارت علاج لاءِ ويندڙ ماڻهو هاڻي سنڌ اچي رهيا آهن.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ن ليگ سنڌ بابت پريشان نه ٿئي، ملڪ ۾ ايندڙ حڪومت پيپلزپارٽي جي هوندي، پيپلزپارٽي ڪڏهن به نفرت جي سياست ناهي ڪئي، پ پ هميشه سڀني کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
پ پ اڳواڻ چيو ته عوام ۾ رهندڙ پارٽيون ئي اقتدار ۾ هونديون، ملڪي معيشت جي تباهي جي ذميوار پي ٽي آءِ آهي، ن ليگ جي وزيرن جي بيانن به معيشت کي نقصان ڏنو.
هن چيو ته پيپلزپارٽي ڏياري جي موقعي تي سڀاڻي ٿر ۾ جلسو ڪندي، اقليتن جي تحفظ لاءِ پ پ هميشه اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪ جي 21 لک ماڻهن کي گهر ٺاهي ڏيڻ واري پيپلزپارٽي آهي.