ڪراچيءَ جي لياري واري علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس ۽ گڏيل آپريشن دوران ڇھن جوابدارن کي گرفتار ڪري ھٿيار ۽ منشيات ھٿ ڪري ورتي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آھي تھ ڦول پتي لين لياري ۾ رينجرز ۽ پوليس اسٽريٽ ڪرمنلز، منشيات وڪرو ڪندڙ، غيرقانوني ھٿيار رکندڙن ۽ ڏوھاري ماڻھن خلاف گڏيل آپريشن ڪيو.
رينجرز ترجمان موجب، آپريشن دوران ڇھن جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آھي تھ گرفتار جوابدارن وٽان 2 نائن ايم ايم پسٽل، 4 ھزار 607 گرام چرس، ڪار ۽ روڪ رقم ھٿ ڪئي وئي.
رينجرز ترجمان موجب، گرفتار جوابدارن کي ھٿيارن ۽ ٻئي سامان سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ پوليس حوالي ڪيو ويو آھي.
رينجرز ترجمان جو چوڻ آھي تھ عوام کي اپيل آھي تھ اھڙن عنصرن بابت فوري طور تي رينجرز کي اطلاع ڏنو وڃي جڏھن تھ اطلاع ڏيندڙ جو نالو راز ۾ رکيو ويندو………….