تازه ترين

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي بابت درخواستن تي ٻڌڻي عدالت طرفان جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسرن مٿان ڪاوڙ جو اظهار

سنڌ ھائيڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻھن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي وفاقي، صوبائي گھرو وزير سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، جاچ آفيسرن ۽ ٻين ادارن کان 18 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

سنڌ ھائيڪورٽ ۾ 2013ع کان 2023ع تائين گم ٿيل ماڻھن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران عدالت جاچ ۾ اڳڀرائي نه ٿيڻ تي جاچ آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

عدالت چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا ۾ لاپرواهي ڪندڙ جاچ آفيسر خلاف به ڪارروائي ڪئي ويندي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته گم ٿيل شهرين جي ڳولا ۾ ناڪام ٿيندڙ جاچ آفيسرن کي به جوابدارن جي لسٽ ۾ شامل ڪيو ويندو، کين هر روز اڳڀرائي واري رپورٽ بابت آگاهه ڪيو وڃي.

جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو تھ جاچ آفيسر پيش نه ٿيا ته کين جوابدارن جو ساٿي سمجھيو وڃي.

عدالت ۾ ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ حاڪم شيخ چيو ته اورنگي ٽائون مان گم ٿيل شهري ظفر جي ڳولا لاءِ ڪوششون جاري آهن، هن وقت تائين گم ٿيل ماڻھن جي بازيابيءَ بابت جي آءِ ٽي جا 9 ۽  صوبائي ٽاسڪ فورس جا 2 اجلاس ٿي چڪا آهن.

جاچ آفيسر اپيل ڪئي ته کيس هڪ مهيني جو وقت ڏنو ويو عدالت پڇاڻو ڪندي چيو تھ اڄ اوهان ڇا ڪري آيا آھيو؟ .

جاچ آفيسر چيو ته اڳوڻو جاچ آفيسر ڪجهه ڏينهن اڳ بدلي ٿي ويو آھي انڪري ھاڻي جاچ سندس حوالي ڪئي وئي آهي، عدالت چيو ته جيڪا جاچ ٿي آهي اها رڪارڊ تي ته هوندي؟.

عدالت ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته ھاڻي عوام جو صبر ختم ٿي رهيو آهي.

عدالت وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي تازيون رپورٽون پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي وفاقي، صوبائي گھرو سيڪريٽري، آءِ جي سنڌ، جاچ آفيسر ۽ ٻين ادارن کان 18 ڊسمبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
18.7 ° C
18.7 °
18.7 °
12 %
1.5kmh
0 %
سُومر
19 °
اڱارو
19 °
اربع
20 °
خميس
21 °
جمعو
23 °

تازه ترين خبرون