ڊکڻ ڀرسان تيز رفتار وين مٿان چڙهڻ سبب پورهيت چيڀاٽجي فوت ٿي ويو.
بوهي قبا بس اسٽاپ وٽ حادثي جي نتيجي ۾ پورهيت محمد نواز عرف راڻو ڪوريجو فوت ٿي ويو.
موقعي تي موجود ماڻهن پورهيت جو لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
نوجوان جو مڙهه گهر پهچائڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.