آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آھي تھ امن جي وقت ۾ بھتر تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بھترين ڪارڪردگي جي ضمانت ڏئي سگھي ٿي.
آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو تھ آرمي چيف جنرل عاصم منير اسٽرائڪ ڪور جو دورو ڪري گڏيل تربيتي مشن جو مشاھدو ڪيو.
اسٽرائڪ ڪور آمد تي ڪمانڊر منگلا ڪور سندس آجيان ڪئي، آرمي چيف جديد ترين وي ٽي فور ٽينڪن سان ليس آرمرڊ فارميشن جي قيادت ۾ ڪيل مشقن جو بھ مظاھرو ڪيو ويو.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف مشن ۾ حصو وٺندڙن جوانن سان ملاقات ڪئي ۽ سندن جذبي، آپريشنل ڪارڪردگي توڙي مھارت جي واکاڻ ڪئي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب جنرل عاصم منير رات جي اونداھيءَ دوران آپريشنن ۾ حاصل ٿيل مھارت کي بھ ساراھيو.
آءِ ايس پي آر موجب پاڪ فوج جي سپھھ سالار آڏو چئلينجن جو جواب ڏيڻ لاءِ جنگي تياري ۽ ذھني صلاحيت جي اھميت اجاگر ڪئي ۽ تيزيءَ سان تبديل ٿيندڙ حالتن کي نظر ۾ رکندي مختلف ھٿيارن جي حاصلات تي بھ روشني وڌي.
ان موقعي تي ڳالھائيندي جنرل عاصم منير چيو تھ مشن جو مقصد ھلندڙ آپريشنل تياريون ڪرڻ آھي، امن جي وقت ۾ رڳو حقيت تي ٻڌل مشن ۽ تربيت ئي جنگ جي ميدان ۾ بھترين ڪارڪردگي جي ضمانت ڏئي سگھي ٿي.