تازه ترين

ڪجهه ڪردارن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي : نواز شريف

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته   ڪجهه ڪردارن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، ملڪي واڳون هڪ نااهل ۽  اناڙي حوالي ڪيون ويون، ٻڌايو وڃي ته کين اقتدار مان ڇو ڪڍيو ويو؟،  قوم چئن سالن دوران تمام گهڻو ڏکيو وقت ڏٺو، مهانگائي بدانتطامي جو نتيجو آهي، شهباز شريف ملڪ نه سنڀالي ها ته ڏيوالو نڪري وڃي ها، قوم کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ڪارگل جي جنگ نه ڪرڻ گهرجي ها، نتيجو ڪهڙو نڪتو؟.

لاهور ۾ پارٽي ٽڪيٽ اميدوارن جي اجلاس کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته هو اجلاس ۾ سمورن شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪري ٿو، کيس تمام گهڻي خوشي ٿي آهي ته اوهان سندس دعوت تي آيا ۽ پارٽي ٽڪيٽ لاءِ درخواست ڏني.

سندس چوڻ هو ته قوم گذريل چئن ورهين ۾ ڏکيو دور ڏٺو آهي، ڪجهه ڪردارن ترقي ڪندڙ پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ن ليگ جي دور ۾ ترقي عروج تي هئي، سندن دور ۾ معاشرتي ۽ سماجي ڪنهن قسم جو ڪو به مسئلو نه هو ۽ ملڪ ۾ اقتصادي ترقي ٿي رهي هئي، ن ليگ ۾ معاشي بهتري جو دنيا به اعتراف ڪري رهي هئي.

هن چيو ته خبر ناهي اهو خواب هو جيڪو اڌورو رهجي ويو، ان خواب کي پورو ٿيڻ گهرجي ها، شهباز شريف ملڪ نه سنڀالي ها ته ڏيوالو نڪري وڃي ها، اهڙن ڪردارن وچ ۾ اچي ويا جن هلندڙ پاڪستان کي ٺپ ڪري ڇڏيو.

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته ملڪي واڳون هڪ نااهل ۽ اناڙي حوالي ڪيون ويون، ٻڌايو وڃي ته کين اقتدار مان ڇو ڪڍيو ويو؟، قوم کي ڏکيائين مان ڪڍڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهندو، ڪارگل جي جنگ نه ڪرڻ گهرجي ها، نتيجو ڪهڙو نڪتو؟.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون