ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته هنن ڪراچيءَ جي ماڻهن سان جيڪي واعدا ڪيا هئا اهي پورا ڪيا پيا وڃن، پاڻي ۽ سيوريج جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، 38 نيون گاڏيون واٽرڪارپوريشن کي ڏنيون پيون وڃن، 110 گاڏيون سيوريج لائنن کي ڪليئر ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪنديون، 25 ٽائونز ۾ گاڏين جو استعمال ڪيو ويندو.
ڪراچيءَ ۾ واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن ڪارساز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مرتضيٰ وهاب چيو ته غيرقانوني هلندڙ هائڊرينٽس خلاف گڏيل ڪارروائي ڪئي پئي وڃي، پاڻي چوري روڪڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، پهريون ڀيرو ائين ٿئي پيو ته چورن خلاف ڪيس داخل ٿي رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته جيڪي واعدا ڪراچي جي ماڻهن سان ڪيا ويا هئا اهي پورا ڪندي عوام جا بنيادي مسئلا حل ڪري رهيا آهن، ڪراچي ۾ پاڻي ۽ سيوريج سسٽم بهتر ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، سيوريج لائنن کي مرمت ڪري نيون ڪيون وڃن جئين اهو بهتر ٿئي.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته اوهان ڏٺو برسات دوران گاڏين جي مدد سان پاڻي نيڪال ڪيو ويو،38 گاڏين موجود آهن جڏهن ته گاڏين جو انگ 110ڪيو ويندو،25 ٽائونز ۾ هي واٽر سيوريج گاڏيون مدد لاءِ فراهم ڪيون وينديون جئين گهٽين ۾ گندو پاڻي نه بيهي،90 ڪروڙ رپيا خرچ ڪيا ويا آهن جئين واٽر بورڊ جو هي اهم مسئلو حل ٿي وڃي.
هن چيو ته گاڏيون متعارف ڪرائڻ جو مقصد عوام جا مسئلا حل ڪري سگهجن، حب ڪئنال جو ڪم تيزي سان جاري آهي ته جيئن پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪيو وڃي، منهوڙا ۾ 500 گيلن پاڻي لاءِ ڪم ڪيو پيو وڃي جئين اتان جي ماڻهن جو پاڻي وارو مسئلو حل ٿي سگهي.
ڪراچيءَ جي ميئر مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪراچي ۾ ميئر، ڊپٽي ميئر ۽ ٽائون چيئرمين عوام جي خدمت ۾ نظر ايندا، ڪي ايم سي ۽ واٽر بورڊ ڪم ڪري رهيا آهن، 25 ڪروڙ هر ٽائون ۾ سنڌ گورنمينٽ کان ڏياريا ويا آهن جئين ٽائونز ۾ اسٽريٽ لائيٽن جي مرمت ڪرائي سگهجن.