پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ڪجهه سياسي پارٽيون چونڊن کان ڀڄڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن، پيپلز پارٽي عام چونڊن جي شيڊول جو انتظار ڪري رهي آهي، عام چونڊن جي ميچ فڪس نه هئڻ گهرجي، مسلم ليگ ن ٿر ڪول منصوبي کي خراب ڪيو، پي ٽي آءِ پنهنجي دور ۾ معيشيت کي تباهه ڪيو.
ٽنڊي ڄام ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي جو مقابلو ڪنهن سياسي پارٽي سان ناهي سندن مقابلو ملڪي مسئلن سان آهي، لسانيت واري سياست کي ختم ڪيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته پيپلز پارٽي واحد پارٽي آهي جيڪا سڀني سان ڳالهيون ڪري سگهي ٿي، مختلف پارٽين جا ماڻهو هن وقت پ پ ۾ شامل ٿي رهيا آهن، پيپلز پارٽي ئي پي ڊي ايم کي ٺاهيو، ڪجهه پارٽيون عوام ۾ وڃڻ کان گهٻرائينديون آهن.
پ پ اڳواڻ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي چونڊ شيڊول جو انتظار ڪري رهي آهي، پ پ جا ليڊر ڪڏهن به ڀاڳوڙا ٿي ڪري ملڪ مان ناهن ڀڳا، تحريڪ انصاف جي اڳوڻي چيئرمين ملڪي ادارن کي تڪراري بڻايو.
هن چيو ته تحريڪ انصاف جي باني چيئرمين معيشيت ۽ اخلاقيات کي تباهه ڪيو، ادارن کي تڪراري بڻائيندڙن تي توهين عدالت ٿيڻ گهرجي، پيپلز پارٽي سڀني کان وڌيڪ ميچور سياست ڪري رهي آهي.
پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو ته پيپلز پارٽي وٽ ملڪي مسئلن جي حل جو پلان آهي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام آصف علي زرداري جو ڏنل آهي، ٿرڪول منصوبي کي ن ليگ خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پيپلز پارٽي عوام جي سهاري چونڊ وڙهندي آهي، پ پ ڪڏهن ناهي چاهيو ته ميچ فڪس هجي.
سندس چوڻ هو ته جيڪا به پارٽي يا ڪو شخص ادارن کي پنهنجي ذاتي فائدن لاءِ استعمال ڪري ان خلاف ايڪشن ٿيڻ گهرجي، گهر اڏي ڏيڻ وارو منصوبو پيپلز پارٽي ڏنو، برسات سٽيل ماڻهن جي مدد ڪئي وئي کين گهر تعمير ڪرائي ڏنا.
پ پ اڳواڻ شرجيل ميمڻ چيو ته 8 فيبروري اليڪشن جو ڏينهن آھي، پيپلز پارٽي جو زور رهيو آھي ته چونڊون وقت تي ٿين، ڪجهه پارٽين مڪاني چونڊ ۾ به ڀڄڻ پئي چاهيو، انهن پارٽين کي عوام تي اعتماد ناهي به اهي چاهن ٿيون ته ڪنهن طريقي سان انهن کي ويهايو وڃي