تازه ترين

نوازشريف جي سياست کي ختم چوندڙن جي پنهنجي سياست ختم ٿي وئي: مريم نواز

مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو آهي ته نوازشريف جي سياست کي ختم چوندڙن جي پنهنجي سياست ختم ٿي وئي، مٿس چوري ۽ ڪرپشن جا الزام مڙهيندڙ پاڻ اڊيالا جيل ۾ آهي، اڄڪلهه ليول پليئنگ فيلڊ جو گوڙ آهي، نوازشريف کي جيل ۾ گهرواريءَ جي وفات جي خبر ملي هئا، ڇا پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي اهڙي ليول پليئنگ فيلڊ گهرجي؟

گجرات ۾ ورڪرز ڪنويشن کي خطاب ڪندي ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز چيو ته عوام ايندڙ مستقبل به نوازشريف جو  ڳنڍي ڇڏيو آهي، سندس 22 ورهين جو سياسي سفر آسان نه هو، يارهن سال جيل ڪاٽيو ،اڄ به ڪيس ڀوڳي رهيو آهي،  پٽ کان پگهار نه وٺڻ تي سازش تحت کيس نااهل ڪيو ويو.

هن چيو ته  ملڪ جي هر جيل ۾ نوازشريف رهيو آهي، جڏهن به فيصلو عوام جي هٿ ۾ آيو، ان نوازشريف جي حق ۾ فيصلو  ڏنو.

مريم نواز چيو ته مخالف چوندا هئا ته نوازشريف جي سياست ختم ٿي وئي آهي، پر انهن جي پنهنجي سياست ختم  وئي.

ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته مخالف نوازشريف خلاف هڪ ثبوت به پيش نه ڪري سگهيا، نوازشريف کي انصاف ملي رهيو آهي ته چون ٿا ته کيس فيور ملي رهي آهي، اهڙيون ڳالهيون ڪندڙن کي شرم اچڻ گهرجي.

مريم نواز چيو ته نوازشر يف تي چوري جو الزام مڙهيندڙ پاڻ ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏي ڪرپشن ڪيس ۾ پڪريو ويو، 190 ملين بابت سوال ڪيو ويو ته چوي ٿو ته پيسو ملڪ ۾ ئي ته آيو آهي.

ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته نوازشريف تي چوري ۽ ڪرپشن جو الزام مڙهيندڙ  پاڻ جيل ۾ آهي، ڪو به سندس نالو وٺڻ لاءِ تيار ناهي.

مريم نواز چيو ته اڄڪلهه ليول پليئنگ فيلڊ جو گوڙ آهي، نوازشريف کي جيل ۾ گهرواريءَ جي وفات جي خبر ملي هئي، ڇا پي ٽي آءِ جي باني چيئرمين کي اهڙي ليول پليئنگ فيلڊ گهرجي؟

ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته 22 ورهين ۾ نوازشريف کي رڳو هڪ اليڪشن وڙهڻ جي اجازت ڏني وئي، گجرات وارا تيار ٿي وڃي، جلال پور جٽان سميت سموري پاڪستان مان شينهن کٽيندو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون