تازه ترين

وسيم اڪرم ۽ گوتم گمڀير بابر اعظم کي پي ايس ايل ۾ به ڪپتاني ڇڏڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي

هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي وسيم اڪرم بابر اعظم کي صلاح ڏيندي چيو ته هڪ ناليواري رانديگر جي حيثيت سان کيس کيڏڻ، رنسون ٺاهڻ ۽ پنهنجي راند تي ڌيان ڏيڻ گهرجي .

هن چيو ته ڪجهه سال اڳ بابر اعظم کي هڪ صلاح ڏني هئي ته ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني نه ڪري، هو هڪ وڏو رانديگر آهي، پنهنجا پئسا وٺي ۽ راند کيڏي، رنسون ٺاهي، گهر وڃي ۽ پوءِ ٻئي ايوينٽ ۾ شرڪت ڪري .

وسيم اڪرم چيو ته بابر  کي چيو هو ته پاڪستان جي ڪپتاني صحيح آهي پر ليگ ڪرڪيٽ ۾ ڪپتاني اضافي دٻاءُ آهي .

اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر گوتم گنڀير چيو ته وسيم اڪرم جي ڳالهه سان اتفاق ڪري ٿو، ورلڊ ڪپ کان چيو هو ته بابر اعظم ورلڊ ڪپ ۾ ٽاپ اسڪورر هوندو پر قيادت جي دٻاءَ سبب پرفارمنس متاثر ٿي.

هن چيو ته ڪپتاني کان آزاد ٿي ڪري بابر هاڻي هڪ راند کڏندي نظر ايندو، هاڻي شوقين بابر کي هڪ مختلف بابر اعظم ملندو جيڪو اڄ تائين ڪنهن به نه ڏٺو هو.

گوتم گمڀير جو چوڻ هو ته پي ايس ايل کٽي به ڪجهه نه ملندو بيٽنگ تي ڌيان ڏيندو ته پاڪستان جي تاريخ جي بهترين بيٽر جي حيثيت سان پنهنجو نالو لکرائيندو، اميد ته ايندڙ 10 سالن تائين بابر ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي صلاحيتن جا جوهر ڏيکاريندو …..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون