تازه ترين

سٺي جاءِ تي شادي ٿئي ها ته گهڻو وقت اڳ شوبز ڇڏي ڏيان ها: ريشم

پاڪستان جي ليجنڊ اداڪارا ريشم چيو آهي ته جيڪڏهن سندس شادي ڪنهن سٺي جاءِ تي ٿي وڃي ها هوءَ گهڻو وقت اڳ شوبز کي الوداع ڪري ڇڏي ها.

هڪ يوٽيوبر کي انٽرويو ڏيندي ريشم شوبز انڊسٽري جي جوڙن ۾ ٿيندڙ طلاقن تي ڳالهه ڪئي ۽ طلاق جي وڌندڙ رجحان کي افسوسناڪ قرار ڏنو.

اداڪارا ريشم چيو ته اڄ ڪلهه ماڻهن مان برداشت ختم ٿي وئي آهي ان ڪري طلاق جي شرح ۾ واڌ ٿي آهي، زال مڙس جو رشتو برداشت سان ئي هلندو آهي.

هن چيو ته شوبز انڊسٽري ۾ شاديون ٽٽڻ تي مونکي تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي، شوبز انڊسٽري ۾ اداڪارن جي طلاق جي  شرح ڏسي ڊپ ٿئي ٿو، الله کان دعا ڪيان ٿي ته منهنجو نصيب اهڙي انسان سان ڳنڍي جيڪو ان رشتي کي نڀائي سگهي.

ريشم چيو ته مان انڊسٽري ۾ ڪنهن سان به شادي نه ڪنديس، شادي ڪرڻ بابت سوچي رهي آهيان پر ان کي نڀائڻ وارو ڪو به نه مليو آهي…..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون