بلوچستان جي علائقي خضدار ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سي ٽي ڊي شهيد ۽ 2 واٽهڙو زخمي ٿي پيا آهن.
خضدار ۾ سلطان ابراهيم روڊ تي سي ٽي ڊي جي گاڏي ڀرسان ڌماڪو ٿيو.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ ايس ايڇ او سي ٽي ڊي محمد مراد ڄاموٽ شهيد ٿي ويو جڏهن ته 2 واٽهڙو زخمي ٿي پيا.
پوليس موجب، شهيد ايس ايڇ او جو مڙهه ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
اطلاع ملڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر عارف زرڪون، ايس ايس پي مير احمد خان لهڙي ۽ ٻيا واقعي واري هنڌ پهچي ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪو اي آءِ ڊي ذريعي ڪيو ويو جنهن ۾ ايس ايڇ او سي ٽي ڊي جي گاڏي مڪمل طور تباهه ٿي وئي.
پوليس موجب، پوليس جي نفري واقعي واري هنڌ پهچي وئي آهي ۽ شاهديون گڏ ڪيون پيون وڃن ته جيئن پتو لڳائي سگهجي ته دهشتگردي ۾ ڪير ملوث آهن………