پئٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي جو امڪان آهي، ڊيزل 15 رپيا ۽ پئٽرول 13 رپيا في لٽر سستو ٿيندو جڏهن ته حڪومت پئٽروليم شين جي اگهن بابت قطعي فيصلو 15 ڊسمبر تي ڪندي.
عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 5 ڏهائي 49 ڊالر في بيرل گهٽتائي بعد 16 ڊسمبر تي ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي اگهن ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي جو امڪان آهي.
16 ڊسمبر تي ملڪ ۾ پيٽرول جي قيمت ۾ 13 ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ 15 رپيا گهٽتائي جو امڪان آهي.
ملڪ ۾ هن وقت پيٽرول جي قيمت 281 رپيا 34 پيسا ۽ ڊيزل 289 رپيا 79 پيسا في لٽر آهي، حڪومت پيٽروليم شين جي امڪاني نئين قيمتن بابت قطعي فيصلو 15 ڊسمبر تي ڪندي جيڪو 16 ڊسمبر کان لاڳو ٿيندو.