تازه ترين

پ پ جو وفد اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪندو: فيصل ڪريم ڪنڊي

پاڪستان پيپلزپارٽي جو وفد اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪري تڪ بندين ۽ ليول پلئينگ فيلڊ جي حوالي سان پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪندو.

اسلام آباد ۾ سنڌ ٽي وي نيوز سان ڳالهائيندي پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي جو وفد اڄ چيف اليڪشن ڪمشنر سان ملاقات ڪندو، وفد ۾ چئني صوبن جا نمائندا شامل هوندا.

هن چيو ته وفد ۾ سنڌ مان تاج حيدر، سعيد غني، ناصر شاهه ۽ ضياءُ الحسن لنجار شامل هوندا، جڏهن ته پنجاب مان قمر زمان ڪائره، حسن مرتضيٰ، عبدالقادر شاهين ۽ موسيٰ گيلاني شامل هوندا.

سندس چوڻ هو ته پ پ جي وفد ۾ ڪي پي مان فيصل ڪريم ڪنڊي، شجاع خان ۽ بلوچستان مان چنگيز خان جمالي ۽ روزي خان ڪاڪڙ شامل آهن.

پ پ اڳواڻ فيصل ڪريم ڪنڊي جو چوڻ هو ته پ پ طرفان عام چونڊن ۽ ليول پلئينگ فيلڊ جي حوالي سان چيف اليڪشن ڪمشنر کي پنهنجي موقف بابت آگاهه ڪيو ويندو.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
13.8 ° C
13.8 °
13.8 °
21 %
1.6kmh
0 %
خميس
14 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون