تازه ترين

اسد شفيق انٽرنيشنل ۽ ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي رانديگر اسد شفيق پرفيشنل (انٽرنيشنل ۽ ڊومسٽڪ) ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي فائنل کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي اسد شفيق جو چوڻ آهي ته هـُو پيٽرن ٽرافي جا وڌيڪ ٽي ميچ کيڏڻ کانپوءِ ڊوميسٽڪ ڪرڪيٽ تان رٽائر ٿي ويندو.

هن چيو ته هو پاڻ ۾ اهو هاڻي جوش محسوس نه ڪري رهيو آهي جيڪو شروع ۾ هو، ڪيريئر ۾ سپورٽ ڪندڙ ماڻهن جو ٿورائتو آهي، ٽنهي فارميٽ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪرڻ تي پاڻ کي خوش قسمت سمجهي ٿو.

سندس چوڻ هو ته 2010 جي واقعي کانپوءِ تمام گھڻيون ڏکائيون پيش آيون، عوام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ اهم هو، مٿس رٽائرمينٽ لاءِ ڪوبه دٻاءُ نه آهي، هو فيصلو سندس ذاتي آهي.

هن چيو ته نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ شروع ٿيڻ کان اڳ فيصلو ڪيو هوته هيءَ سيزن سندس آخري هوندي، پي سي بي سليڪشن ڪميٽي ۾ شامل ٿيڻ جي آڇ ڪئي آهي، اڃان نئين ذميوارين جي معاهدي تي صحيح ناهي ڪئي، کيس سليڪشن جو پراسسس سمجهڻو آهي.

ٻئي پاسي اسد شفيق جي پروفيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جي اعلان کانپوءِ ساٿي رانديگرن کيس گارڊ آف آنر پيش ڪيو.

اسد شفيق 191 فرسٽ ڪلاس ميچن ۾ 12 هزار 42 جڏهن ته 162 لسٽ اَي ميچن ۾ 5 هزار 754 رنسون ٺاهيون.

ليفٽ هينڊ بيسٽمين اسد شفيق 127 ميچون کيڏيون ۽ 2 هزار 698 رنس اسڪور ڪيو.

واضع رهي ته اسد شفيق ٽنهي فارميٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي ڪئي آهي…..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
120,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
0.6 ° C
0.6 °
0.6 °
33 %
4.5kmh
0 %
خميس
10 °
جمعو
11 °
ڇنڇر
13 °
آچر
14 °
سُومر
12 °

تازه ترين خبرون