تازه ترين

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو فرسٽ ايئر جو شاگرد ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ فوت

ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻي جو فرسٽ ايئر جو شاگرد ڪراچيءَ جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

ڪجهه ڏينهن اڳ حسنين ساريو جي ڪاليج جي هاسٽل ۾ طبيعت خراب ٿي پئي هئي.

شاگرد کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچيءَ جي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو ويو.

اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.

شاگرد جي والد نثار احمد ساريو الزام لڳائيندي چيو ته ڪيڊٽ ڪاليج لاڙڪاڻو جي انتظاميه جي مبينا لاپرواهي ۽ غفلت سبب سندس نوجوان پٽ فوت ٿيو آهي جڏھن پٽ کي پيٽ ۾ سور پيو ته بروقت علاج نه ڪرايو ويو نه ئي کين اطلاع ڪيو ويو.

هن چيو ته سندس پٽ تڙپندو رهيو ٻئي ڏينهن صبح تي ڪاليج انتظاميه کيس آئوٽ پاس ڏئي گهر روانو ڪري ڇڏيو.

شاگرد جي والد وڌيڪ چيو ته سندس پٽ حسنين ساريو جو آنڊو ڦاٽي پيو ھو لاڙڪاڻي جي اسپتال ۾ سندس آنڊي جو آپريشن ڪيو ويو پر طبعيت ۾ بھتري نه اچي سگهي جڏهن ته جيرو پڻ متاثر ٿيو.

سندس چوڻ هو ته حسنين کي ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪرايو ويو جتي ڊاڪٽرن کيس ٻڌايو ته ڪافي دير ٿي چڪي آهي علاج تي 70 لک رپيا خرچ ٻڌايو ويو ھو.

شاگرد حسنين جي والد نثار ساريو سوشل ميڊيا تي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين وس وارن کي پٽ جي علاج لاءِ مدد جي اپيل ڪندي چيو هو ته ھو غريب مسڪين آھي سندس پنجاھه ھزار رپيا پگهار آهي جنهن مان پٽ جو ايترو مھانگو علاج نٿو ڪرائي سگهي.

شاگرد جي والد نثار ساريو چيو ته ھو ڪيڊٽ ڪاليج ڪاليج انتظاميه خلاف پٽ جي قتل جو ڪيس داخل ڪرائيندو، انتظاميا جي غفلت سبب پٽ فوت ٿيو آهي بروقت پٽ جو علاج ٿئي ته شايد اھڙي نوبت نه اچي ھا……….

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون