ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت بحالي بابت درخواستون رد ڪري ڇڏيون.
ڀارتي سپريم ڪورٽ والاريل ڪشمير جي آئيني حيثيت لاءِ داخل درخواستن تي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو.
عدالت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ جو 5 آگسٽ 2019ع وارو فيصلو برقرار رکيو.
ڀارتي سپريم ڪورٽ جو چوڻ آهي ته والاريل ڪشمير ڀارت جو نه ٽٽندڙ حصو آهي، آرٽيڪل 370 عارضي قدم هو هر فيصلو قانوني دائري ۾ نٿو اچي.
عدالت پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ وارو صدر جو حڪم آئيني طور تي درست آهي، ڀارتي صدر وٽ اختيار آهن، آرٽيڪل 370 والاريل ڪشمير جي شموليت کي منجمد نٿو ڪري، ڄمون ڪمشنير اسيمبلي جي جوڙجڪ جو مقصد مستقل باڊي ٺاهڻ نه هو.
ڀارت 2019ع ۾ والاريل ڪشمير جي خاص آئيني حيثيت ختم ڪري ڇڏي هئي، مودي حڪومت ڀارتي آئين جي آرٽيڪل 370 کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، ڀارت ان دوران ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم جا نوان داستان ٺاهي ڇڏيا.
2019 کان اڳ ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست کي نيم خودمختيار حيثيت ۽ خاص اختيار حاصل هئا، ڪشمير جي سياسي پارٽين مودي حڪومت جي ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو، ڀارتي سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ هنگامي ٻڌڻين کانپوءِ 5 سيپٽمبر تي فيصلو محفوظ ڪيو هو.
ڀارتي حڪومت والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت واري معاملي کي چئن سالن تائين لٽڪائي رکيو، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم ۽ ستم جا نوان داستان رقم ڪيا، عوام ڀارت جي ظالماڻي فيصلي خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو.
ماهرن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارتي عدالتن مان انصاف جي اميد نٿا رکي سگهن، مودي مڪمل طور تي ڀارتي جي سمورن ادارن عدليا، فوج، گورننس، ميڊيا ۽ پارليامينٽ کي مڪمل ڪنٽرول ڪري چڪو آهي……….