تازه ترين

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جبلن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جبلن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي

پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جبلن جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جبلن جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي.

جبلن جو قدرتي نظام سندن زندگي ۾ ڪيتري اهميت رکن ٿا ان بابت هر ماڻهو واقف آهي جڏهن ته  دنيا جي 24 بلند ترين جبلن مان 8 جو تعلق گلگت بلتستان سان آهي ۽ دنيا جي ٻئي نمبر بلند ترين جبل ڪي ٽو کي پاڪستان جي پهرين وڏي جبل جو اعزاز حاصل آهي.

گلگت بلتستان ۾ جبلن جي سر زمين تي 8 هزار 611 ميٽرن جي اوچائي تي موجود دنيا جي ٻئين بلند ترين چوٽي پنهنجي وجود جو جادو جاڳائي سڄي دنيا جي جبل چاڙهڻ کي دعوت ڏئي ٿي هن چوٽي تي چڙهڻ دوران91 جبل چاڙهو فوت ٿي ويا جڏهن ته 377 ڪامياب ٿيا.

پاڪستان ۾ گھٽ ۾ گھٽ 108 چوٽيون آھن جيڪي 7 هزار ميٽرن جي بلندي تي آھن، هزار کان ھيٺ بيشمار چوٽيون آھن.

پاڪستان ۾ موجود دنيا جي بلند ترين چوٽي ڪي ٽو جي مهم لاءِ هر سال 2 سمٽ ايڪسپيڊيشن ٿيندا آهن، جن لاءِ سڄي دنيا مان جبل چاڙهو گلگت بلتستان پهچندا آهن.

جبل سندن زندگيءَ ۾ ڪيترو اهم ڪردار ادا ڪن ٿا ان کان ڪير به اڻواقف ناهي جبلن جي قدرتي نظام جي اهميت کان هرڪو واقف آهي، ٻيلن جي سارسنڀال هجي يا برفباري ٻئي سندن فائدي لاءِ آهن.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
112,000SubscribersSubscribe
Pakistan
broken clouds
24.8 ° C
24.8 °
24.8 °
50 %
0.9kmh
65 %
آچر
25 °
سُومر
30 °
اڱارو
33 °
اربع
34 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون