تازه ترين

والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ خلاف درخواستون رد ڪرڻ وارو ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو انصاف جو خون ڪرڻ برابر آهي : احمد شاهه

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري نگران وزير محمد احمد شاهه چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت ختم ڪرڻ خلاف درخواستون رد ڪرڻ وارو ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو انصاف جو خون ڪرڻ برابر آهي، ثابت ٿي ويو ته مودي جي دهشتگرد حڪومت ڀارتي سپريم ڪورٽ کي به يرغمال بڻائي ڇڏيو آهي.

ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي ردعمل ظاهر ڪندي محمد احمد شاهه چيو ته ڀارتي سپريم ڪورٽ جو فيصلو گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي اميدن جي ابتڙ آهي.

سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي اميدن جي ابتڙ فيصلو انصاف جو قتل آهي.

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري نگران وزير محمد احمد شاهه چيو ته والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت کي ختم ڪرڻ درست قرار ڏيڻ ناانصافي جي انتها آهي، پاڪستان هميشه ڪشميري عوام جي آزادي واري حق جي حمايت ڪئي آهي.

هن چيو ته سنڌ جي نگران حڪومت پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي، ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف اصولي ۽ انصاف جي گهرجن موجب آهي.

سنڌ جي اطلاعات کاتي واري نگران وزير محمد احمد شاهه چيو ته عالمي برادري کي ڀارتي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد ڪرڻ گهرجي، ڀارت ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر انصاف جو خون ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
116,000SubscribersSubscribe
Pakistan
few clouds
26.1 ° C
26.1 °
26.1 °
46 %
4kmh
22 %
ڇنڇر
26 °
آچر
28 °
سُومر
30 °
اڱارو
30 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون