تازه ترين

اليڪشن جي حوالي سان سٺي اميد رکڻ گهرجي: خورشيد احمد شاهه

پ پ اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اليڪشن جي حوالي سان سٺي اميد رکڻ گهرجي، رڳو پ پ چاهي ٿي ته اليڪشن ٿئي، باقي ٻين پارٽين جو موقف آهي ته ٿڌ آهي، اليڪشن نه ٿيڻ گهرجي.

سکر جي احتساب عدالت ۾ پيشي بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته هو پارٽين بابت ڪجهه نٿا چئي سگهن ته اهي چونڊن بابت آواز ڇو نه ٿيون  اٿارين پر پ پ جو چٽو موقف آهي ته اليڪشن 8 فيبروري تي ئي ٿيڻ گهرجي .

هن چيو ته پي ٽي آءِ اليڪشن ۾ حصو وٺي رهي آهي، سندن انٽرا پارٽي اليڪشن ٿي چڪي آهي، اليڪشن ۾ الزام لڳندا رهندا آهن.

سندس چوڻ هو ته هاڻي جيڪو به اليڪشن وڙهي  اقتدار ۾ اچي اهو فيصلو ڪري ته ملڪ کي ڪيئن ٺيڪ ڪرڻو آهي، ايندڙ وزيراعظم  انشاءَ الله پ پ جو ٿيندو…..

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون