تازه ترين

ڪراچي ۾ ٽريفڪ پوليس چالان جي مد ۾ 5ڪروڙ رپيا گڏ ڪري ورتا

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ غيرقانوني چارجڊ پارڪنگ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ۾ ڊي آءِ جي ٽريفڪ طرفان رپورٽ جمع ڪرائي وئي

رپورٽ ۾ چيو ويو ته هلنڙ سال هن وقت تائين پنج ڪروڙ رپين کان وڌيڪ رقم گڏ ٿي آهي، ٻيلهه سواري ۽ ٽرپل پارڪينگ ڪرڻ تي 90 هزار 30 گاڏين جو چالان ڪيو ويو.

شهر ۾ جاري غيرقانوني چارجڊ پارڪنگ جي خلاف درخواست تي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس نديم اختر جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بئنچ ڪئي، ڊي آءِ جي ٽريفڪ سميت ٻيون اختياريون پيش ٿيون .

عدالت ڪي ايم سي جي وڪيل سان مڪالمو ڪندي چيو ته ڪٿي پارڪنگ ٿيندي ۽ ڪٿي نه ان لاءِ عدالت کي آرڊر ڇو ڪرڻو پئجي رهيو آهي، ڪي ايم سي کي ٺيڪو ڏيندي وقت پارڪنگ فيس به مقرر ڪرڻ گهرجي.

ڪي ايم سي جي وڪيل ٻڌايو ته شاپنگ مال ۽ مارڪيٽ سان گڏ خالي جاءِ پارڪنگ لاءِ مختص آهي.

عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته پارڪ جي جاءِ تي ڪا به پارڪنگ نه هجڻ گهرجي، عدالت ڊي آءِ جي ٽريفڪ کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته اوهان کي غيرقانوني پارڪنگ جي خلاف ڪارروائي لاءِ عدالت کان هدايت وٺڻ جي ضرورت آهي ڇا ؟

ڊي آءِ جي ٽريفڪ پنهنجي رپورٽ ۾ عدالت کي ٻڌايو ته ٽريفڪ پوليس هلندڙ سان غيرقانوني پارڪنگ جي خلاف 12 ڊسمبر تائين 89 ڪيس داخل ڪيا ۽ انهن ڪيسن ۾ هڪ سئو 11 ڄڻن کي گرفتار ڪيو.

رپورٽ ۾ چيو ويو ته چالان جي مد ۾ هلندڙ سال 5 ڪروڙ 58 لک 99 هزار 5سئو رپيا وصول ڪيا ويا آهن، جڏهن ته غلط پارڪنگ سبب 22 هزار 3 سئو 27 ڪارون ۽ 87 هزار 3 سئو 71 موٽرسائيڪلون کنيون ويون.

عدالت ٽريفڪ پوليس ۽ ڪي ايم سي جي رپورٽ کي ريڪارڊ جو حصو بڻائيندي چيو ته هو ريڪارڊ جو جائزو وٺڻ بعد حڪم نامو جاري ڪندا .

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 23 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
113,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
30.3 ° C
30.3 °
30.3 °
35 %
3.1kmh
100 %
ڇنڇر
29 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
33 °
اربع
31 °

تازه ترين خبرون