ناروي سان تعلق رکندڙ هڪ شهري 40 ميٽر اوچائيءَ تان ٿڌي پاڻي ۾ خطرناڪ جمپ ڏئي عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو.
موت وارو جمپ (death dive) جمپ اهڙي خطرناڪ صورت کي چيو ويندو آهي جنهن ۾ ماڻهو هوا ۾ پيرين اگهاڙي جمپ لڳائيندو آهي.
عام طور تي اهڙو جمپ 10 کان 15 ميٽر اوچائيءَ تان لڳايو ويندو آهي پر دلير ايٿيليٽس پنهنجي حساب سان اوچائي کي وڌائيندو رهندو آهي.
هن ڀيري ناروي جي شهري ۽ ايم ايم اي جي اڳوڻي ريسلر ڪين اسٽورنز 40 ميٽر اوچائي تان جمپ لڳائي سڀني کي پوئتي ڇڏي ڏنو.
ڪين اسٽورنز پنهنجي انسٽا گرام اڪائونٽ تي پوسٽ شيئر ڪندي لکيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر هو ڊيٿ ڊائيو جو عالمي رڪارڊ ناروي واپس کڻي آيا آهن ڇو ته ان رڪارڊ جي اها ئي جاءِ آهي .
هڪ مقامي نيوز ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي هن چيو ته هو اهڙو ماڻهو آهي جنهن کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو پسند آهي، ڪنهن نه ڪنهن شئي کي حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجهد ڪرڻو سٺو لڳندو آهي، کيس اهڙو ڪم ڪرڻو پسند آهي جنهن ۾ خطرو هجي ..