عالمي منڊي ۾ تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي بعد سڄي ملڪ ۾ به ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ وڏي گهٽتائي جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 12 رپيا في لٽر تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي جنهن لاءِ لاڳاپيل ڪم مڪمل ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، پيٽرول جي قيمت ۾ 11 رپيا في لٽر تائين گهٽتائي ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ڊيزل جي اگهه ۾ 12 رپيا في لٽر تائين گهٽتائي جي تجويز آهي اهڙي طرح گاسليٽ ساڍا ست رپيا في لٽر تائين سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته لائٽ ڊيزل جي قميت ۾ 13 رپيا 76 پيسا في لٽر تائين گهٽ ٿي سگهي ٿي.
پيٽروليم شين جي قيمتن بابت سمري اڄ نگران حڪومت کي اماڻي ويندي جڏهن ته نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سان صلاح مشوري بعد ناڻي وارو وزير پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان ڪندو.