سنڌ هائيڪورٽ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن تي ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي ڏکڻ کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابيءَ بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي جاچ آفيسر کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا ڪري آيا آهيو؟ جنهن تي جاچ آفيسر چيو ته 25 جي آءِ ٽيز ۽ 17 صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي چڪا آھن.
گم ٿيل شهري جي امڙ چيو ته سندس پٽ مشتاق عرف عادل باڙا 2015ع کان ناظم آباد جي علائقي مان گم آهي ۽ 9 سالن کان سندس ڪو به پتو نه پيو آهي.
جاچ آفيسر چيو ته گم ٿيل شهري جي ذاتي دشمني هئي، ڪرمنل رڪارڊ به آهي ۽ قتل جو ڪيس پڻ داخل آهي، گم ٿيل شهري جو تعلق ايم ڪيو ايم سان هو.
گم ٿيل شهري جي امڙ چيو ته سڀ ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهن، سندس پٽ جي ڪا به دشمني نه هئي ۽ نه ئي ڪنهن تنظيم سان تعلق هو، جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪيو آهي ته کيس سامهون آندو وڃي ۽ عدالت سزا ڏئي، سڀني کي خبر آهي ته پٽ ڪٿي آهي، هنن کيس لڪايو آهي.
هن چيو ته هوءَ 9 سالن کان عدالتن ۽ پوليس اسٽيشنن جا چڪر ڪاٽي رهي آهي، جي آءِ ٽي ۾ گهرائي ويهاري ويهاري واپس اماڻيو ويندو آهي، اڃا تائين انصاف ناهي مليو.
گم ٿيل شهري جي امڙ چيو ته سندن وٽ ڪرائي لاءِ پئسا ناهن هوندا ماڻهن کان پيسا وٺي ڪري عدالت ۾ اچن ٿا پر هتي اچي به کين انصاف نٿو ملي، ننڍڙا ٻار آهن، جن جو مستقبل به خراب ٿي رهيو آهي ۽ ڪو به ڪمائڻ وارو نه آھي.
جسٽس نعمت الله ڦلپوٽي چيو ته اوهان پريشان نه ٿيو جلد اوهان جي پٽ کي جلد بازياب ٿيندو ۽ عدالت اوهان کي انصاف ڏياريندي.
جسٽس نعمت ڦلپوٽو ايس ايس پي جاچ کي مخاطب ڏيندي چيو ته اوهان هنن سان سهڪار ڪريو ۽ پٽ جي بازيابي لاءِ قدم کنيا وڃن، جيڪڏهن اوهان ڪارروائي نه ڪئي ته هو اوهان جي خلاف ڪارروائي ڪندا.
پوليس رپورٽ موجب، ملير مان گم ٿيل شهري سيد خرم کي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
عدالت گم ٿيل شهري سيد خرم جي بازيابي وارو ڪيس اڪلائي ڇڏيو.
عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي ڏکڻ کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 25 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي………