عالمي بئنڪ پاڪستان لاءِ 35 ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.
عالمي بئنڪ جو چوڻ آهي ته پاڪستان لاءِ قرض جي منظوري رائز ٽو پروگرام تحت ڏني وئي، قرض جي فراهمي جو مقصد پاڪستاني مالياتي انتظام، جٽادار ۽ مضبوط اقتصادي ترقي لاءِ برابري کي هٿي ڏيڻ آهي.
عالمي بينڪ موجب، پاڪستان کي فوري مالياتي سڌارن جي ضرورت آهي، پاڪستان وٽ چونڊن بعد پراڻا اسٽرڪچرل مسئلا حل ڪرڻ جو موقعو آهي، هي موقعو ضايع ڪيو ته پاڪستان جي ٻيهر معاشي مسئلن ۾ ڦاسڻ جو خدشو آهي.
عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته پروگرام تحت پاڪستان کي مالي پاليسي بابت ڪوآرڊينيشن ۽ قرض ۾ شفافيت آندي ويندي، پراپرٽي جي شعبي ۾ ٽيڪس کي مضبوط بڻائڻ واري پلان جو حصو قرار ڏنو ويو آهي.
عالمي بينڪ موجب، ٽيڪس قانون تي عمل جي ڪاٿي ۾ گهٽتائي ۽ ڊيجيٽل ادائگي جي حوصلا افزائي ڪئي وڃي، شيون ٻاهران گهرائڻ ۾ گهٽتائي ذريعي شيون ٻاهر اماڻڻ کي هٿي وٺرائي وڃي.
عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين جو چوڻ آهي ته رائز ٽو پروگرام ٽيڪس، توانائي، ڪاروباري ۽ موسمياتي سڌارن جو پهريون مرحلو ڪري ٿو ته پروگرام اوڳاڙي وڌائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
عالمي بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بن حسين چيو ته رائز ٽو پروگرام خرچن جو هدف بهتر بڻائڻ، برابري ۽ سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ ٺاهيو ويو آهي، پروگرام سان پاڪستان کي پاور سيڪٽر جي بهتر انتظام ۾ به مدد ملندي.