پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته 8 فيبروري پ پ جي ڪاميابيءَ جو آهي، هن ڀيري وزيراعظم لاهور جو نه هوندو، ننڍي مڪاني چونڊن جو نتيجو اليڪشن لاءِ ٽريلر آهي، سمورا مخالف گڏجي به پ پ کي شڪست نه ڏئي سگهيا، پ پ جا سمورين سياسي پارٽين لاءِ در کليل آهن، نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي آصف زرداري ساڻس رابطو ڪيو.
ڪراچي جي علائقي گزري ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڪراچي کان ڪشمير تائين ماڻهو پ پ سان گڏ آهن، مخالف گڏ ٿي به پ پ کي شڪست نه ٿا ڏئي سگهن، پ پ ايندڙ چونڊن ۾ پنهنجي منشور تحت حصو وٺندي.
هن چيو ته پ پ جا سمورين سياسي پارٽين لاءِ در کليل آهن، نواز شريف جي ڏيهه واپسي تي آصف زرداري ساڻس رابطو ڪيو.
پ پ چيئرمين چيو ته ننڍي مڪاني چونڊن جو نتيجو اليڪشن لاءِ ٽريلر آهي، سمورا مخالف گڏجي به پ پ کي شڪست نه ڏئي سگهيا، 8 فيبروري پ پ جي ڪاميابيءَ جو آهي، هن ڀيري وزيراعظم لاهور جو نه هوندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ضروري آهي ته پ پ جي حڪومت اچي ته جيئن عوامي منصوبا شروع ٿين، چونڊن ۾ ڪامياب ٿي عوامي مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا.
پ پ چيئرمين چيو ته پهريون ڀيرو صوبن ۽ وفاق ۾ پ پ جي حڪومت هوندي ۽ عوام ترقي ڪندو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته