عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو آهي ته پنجاب ۽ ڪي پي ۾ عام چونڊن ۾ دير بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ ڏکئي وقت ۾ بهتر فيصلو ڏنو ۽ نظريا ضرورت نه بڻي، عدالت ۾ ڪنهن به نه چيو ته هو بائيڪاٽ ڪرڻ چاهن ٿا، سڀ دليل ڏيڻ چاهن پيا.
سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل ٽوئٽ ۾ شيخ رشيد احمد چيو ته 85 رڪني ڪابينا جي جمع بازار سپريم ڪورٽ جي فيصلي کي رد نٿي ڪري سگهي، شهباز حڪومت نااهلي يا ڏڦير مان ڪنهن هڪ لاءِ تيار ٿي وڃي.
سندس چوڻ هو ته هي سئو بصر به کائيندا، ۽ عدليا جو فيصلو به مڃيندا، عدليا پاڻ آئين جي ماتحت آهي، ملڪ جا سمورا ادارا عدليا جي ماتحت آهن.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته عوام جو نالو رياست آهي، عدليا جو فيصلو نه مڃيو ويو ته هر هنڌ بغاوت ٿيندي، شهباز شريف سوچي وٺي عدليا جو فيصلو مڃڻو آهي ته توهين عدالت ۾ نااهل ٿي رائيونڊ وڃڻو آهي.
هن چيو ته سپريم ڪورٽ چيو آهي ته جنگجو فورس نٿا چاهن، رينجرز، ايف سي ۽ ايڪس سروس مين ئي ڪافي آهي، عدليا جي ڀاڳوڙي نواز شريف جي دردناڪ ۽ مايوس ڪندڙ پريس ڪانفرنس پاڻ ان کي چيڙائي رهي هئي.
عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد احمد چيو ته ٽن ججن تي ريفرنس آڻڻ، ايمرجنسي لڳائڻ يا مارشلا جون ڳالهيون ڪرڻ جا ڊيڄاريندڙ خواب ڏسڻ ڇڏي ڏيو، هفتي کان سعودي عرب جو سرڪاري مهمان ٿيڻ لاءِ خيرات گهري رهيا آهيو.
ملڪ ۾ تبديلي فوجي ٿاڪن تي حملن سان نه ايندي، بلاول ڀٽو زرداري
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ملڪ ۾ تبديلي فوجي ٿاڪن تي حملن سان نه ايندي، پي ٽي...