تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سمارٽ سرويلينس سسٽم ايس فور پراجيڪٽ جي تقريب هڪ ماڊل اسٽون آهي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو آهي ته سنڌ سمارٽ سرويلينس سسٽم ايس فور پراجيڪٽ جي تقريب هڪ ماڊل اسٽون آهي، هي منصوبو تڏهن ممڪن ٿيو آهي جڏهن وڏي وزير دلچسپي ڏيکاري آهي اڄ سيف سٽي جي شروعات ٿي وئي آهي، ان سرويلينس ڪيمرائن سان ڏوهارين جا فٽيجز ٺهي ويندا جيڪي ڪنوڪشن ۾ ڪم ايندا، جهڙي طرح مراد علي شاهه سندن تي اعتماد ڪري ٿو سندن جوابداري وڌي وڃي ٿي.

ملير ۾ سسئي ٽول پلازه وٽ سنڌ سمارٽ سرويلنس سسٽم جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي غلام نبي ميمڻ چيو ته سرويلينس سسٽم تي جيڪو خرچ اچي رهيو هو ان مان به 15 ڪروڙ رپيا بچايا آهن، پراجيڪٽ جي امپليمينٽيشن لاءِ بهتر آفيسرن تي ٻڌل ڪميٽي ٺاهي آهي.

سندس چوڻ هو ته هن سسٽم سبب جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملندي، هي سسٽم 40 ٽول پلازه تي لڳايو پيو وڃي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته سرويلنس سسٽم سان ڏوهي ماڻهن جي چرپر تي نظر ۽ گاڏي جي جعلي نمبر پليٽ به پڪڙي سگهبي.

هن چيو ته جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاءِ شاهديون گڏ ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، هن سسٽم سان جوابدارن کي سزا ڏيارڻ ۾ سولائي ٿيندي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته هن منصوبي ذريعي ڪرائيم کي گهٽ ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مدد ملندي.

اين آر ٽي سي جي سربراهه چيو ته اين آر ٽي سي ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ جي نمبر پليٽس سڪيورٽي فيچرز سان ڪم ڪندو آهي.

هن چيو ته اين آر ٽي سي پوليس جي مختلف ونگس سان به ڪم ڪندو آهي، اڄ سنڌ جي پهرين ٽول پلازه کي مڪمل سمارٽ سرويلينس سان سي پي او کي ڳنڍيو ويو آهي.

اين آر ٽي سي جي سربراهه چيو ته صوبي جي ٻين ٽول پلازه کي به سسٽم سان ڳنڍيو پيو وڃي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.4 ° C
17.4 °
17.4 °
49 %
1.2kmh
100 %
آچر
24 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °
اربع
30 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون