تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

سنڌ سرڪار سرهاڙي ويجهو ٽرين حادثي جي فوتين کي 10، 10 لک ۽ زخمين کي 2 کان 5 لک رپيه معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

سنڌ سرڪار سرهاڙي ويجهو ٽرين حادثي جي فوتين کي 10، 10 لک ۽ زخمين کي 2 کان 5 لک رپيه معاوضو ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، وڏي وزير مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته افسوسناڪ ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڏهه ڏهه لک ۽ اسپتالن ۾ داخل زخمين جي علاج لاءِ 2 کان 5 لک رپيا ڏنا ويندا، ايندڙ عام چونڊن ۾ پ پ وفاق توڙي صوبن ۾ حڪومت ٺاهيندي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ به پ پ ڪامياب ٿيندي، پنجاب ۾ به اڪثر سيٽون سندن ئي آهن، هو موڪل تي وڃي رهيا آهن، ٽن مهينن کانپوءِ واپس اچي تسلسل سان عوام جي خدمت جاري رکندا، ٽن مهينن اندر عام چونڊون ٿي وينديون.

ٺٽي ۾ ڪاليج جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي مراد علي شاهه چيو ته افسوسناڪ ٽرين حادثي ۾ فوت ٿيل لاءِ سنڌ حڪومت پاران ڏهه ڏهه لک ۽ اسپتالن ۾ داخل زخمين جي علاج لاءِ 2 کان 5 لک رپيا ڏنا ويندا.

سندس چوڻ هو ته پهرين ترجيح ٽرين حادثي جي فوتي ۽ زخمي مسافرن جي ريسڪيو ڪرڻ هئي، سنڌ حڪومت مختلف ادارن سان گڏجي ريسڪيو جو عمل مڪمل ڪري ورتو.

وڏي وزير مراد علي شاھه چيو ته انتهائي افسوسناڪ سانحو پيش آيو حادثي يا تخريبڪاري جي حوالي سان ڪجھه به نٿو چئي سگهجي، ريلوي اختياريون جاچ ڪري رهيون آھن، حادثي تي ڏاڍو ڏک ٿيو، متاثر خاندانن سان سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي برابر جو شريڪ آھي.

هن چيو ته ٽن مهينن اندر عام چونڊون ٿي وينديون، آئيني طور تي ٻن مهينن ۾ نگران حڪومت کي چونڊون ڪرائڻيون هونديون آهن ۽ هن ڀيري هڪ مهينو وڌيڪ ملي رهيو آهي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته ايندڙ عام چونڊن ۾ ايندڙ عام چونڊن ۾ پيپلز پارٽي سڄي ملڪ مان وڏي پارٽي طور اليڪشن کٽي وفاق توڙي صوبن ۾ حڪومت ٺاهيندي، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ به پ پ ڪامياب ٿيندي، پنجاب ۾ به اڪثر سيٽون سندن ئي آهن.

سندس چوڻ هو ته ڪي پي ماضي ۾ پيپلز پارٽي جو ڳڙهه رهيو پر بدقسمتي سان ڌيان نه ڏيڻ سبب ڪجهه تبديليون آيو پر هن ڀيري وڌيڪ تبديلي نظر ايندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پنجاب ۾ ڪيتريون ئي پارٽيون آھن تنهنڪري ڪابه پارٽي وڏي اڪثريت سان سامهون نه اچي سگهندي پر پيپلزپارٽي اتان به وڌيڪ سيٽون کڻندي.

هن چيو ته هو موڪل تي وڃي رهيا آهن، ٽن مهينن کانپوءِ واپس اچي تسلسل سان عوام جي خدمت جاري رکندا، هن ڀيري سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ سيٽون پ پ حاصل ڪندي.

وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته پيپلز پارٽي بلوچستان ۾ حڪومت ٺاهيندي، خيبرپختونخوا ۾ پ پ جي حڪومت رهي آهي ۽ هاڻي به پيپلز پارٽي حڪومت ٺاهيندي، پنجاب ۾ هن ڀيري پ پ وڌيڪ سيٽون حاصل ڪندي ۽ بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو وزيراعظم بڻجندو.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.7 ° C
21.7 °
21.7 °
27 %
2.8kmh
96 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °
سُومر
27 °
اڱارو
28 °

تازه ترين خبرون