تازه ترين

بلاول ڀٽو زرداري خانپور ويجهو پوليس اهلڪارن جي اغوا جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري خانپور ويجهو پوليس اهلڪارن جي اغوا جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته ڪوٽ شاهو مان پوليس اهلڪارن جي اغوا جو واقعو سنگين معاملو آهي، ملڪ ۽ معاشرو پوليس اهلڪارن جي اغوا جهڙا واقعا قبول نه ٿو ڪري سگهي، اهلڪارن جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ڌاڙيل هٿان ايس ايڇ او ڪوٽ شاهو، سندس پٽ ۽ ٽن اهلڪارن جي اغوا تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته شڪارپور ضلعي جي ڪوٽ شاهو ٿاڻي مان پوليس اهلڪارن جي اغوا جو واقعو سنگين معاملو آهي. سندس چوڻ هو ته ملڪ ۽ معاشرو پوليس اهلڪارن جي اغوا جهڙا واقعا قبول نه ٿو ڪري سگهي، اعليٰ سطحي جاچ ڪئي وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن معاملي کي انتظامي ۽ حڪومتي سطح تي ڏسڻ ۽ ڪمزورين تي فوري طور ضابطو آڻڻ جي ضرورت آهي، اهلڪارن جي اغوا ۾ ملوث جوابدارن کي سخت ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ مغوين جي محفوظ بازيابيءَ کي يقيني بڻايو وڃي. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ٻٻرلي باءِ پاس ويجهو ڪار ۽ وين حادثي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته حادثي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي صدمو پهتو آهي، هو متاثر خاندانن سان ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهن.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
32.3 ° C
32.3 °
32.3 °
13 %
4.4kmh
59 %
سُومر
31 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
33 °
جمعو
33 °

تازه ترين خبرون